ميرپورخاص:(ڪلياڻ نيوز ٽي وي) ميرپورخاص تعليمي بورڊ مان هزارين افغان شهرين کي جعلي ميٽرڪ سرٽيفڪيٽ جاري ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي۔
اي ايس پي قرة العين ميڊيا کي ٻڌايو ته افغان شهرين انهن جعلي سرٽيفڪيٽن جي بنياد تي پنهنجا ڊوميسائل ۽ سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرايا هئا، جڏهن ته سرٽيفڪيٽ ٺاهڻ لاءِ في شخص 50 هزار کان 5 لک رپين تائين وصول ڪيا ويندا هئا۔
اي ايس پي موجب ڪرپشن ڪيس ۾ ميرپورخاص تعليمي بورڊ جي ڳجهي شاخ جي انچارج سميت ٻن ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته اينٽي ڪرپشن بيورو بورڊ جو رڪارڊ ضبط ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي۔
پوليس تعليمي بورڊ جي ڳجهي برانچ جي انچارج اعظم خان کي به ميڊيا آڏو پيش ڪيو، جنهن اعتراف ڪيو ته نمبر وڌائڻ لاءِ 50 هزار کان هڪ لک رپيا، ناڪام شاگردن کي پاس ڪرائڻ لاءِ 50 هزار رپيا ۽ جعلي ميٽرڪ سرٽيفڪيٽ جاري ڪرڻ لاءِ 5 لک رپيا وصول ڪيا ويندا هئا۔
ملزم موجب هن سڄي معاملي ۾ ٻه سرڪاري ۽ ٻه خانگي اسڪول به ملوث هئا، جڏهن ته بورڊ جو ڪنٽرولر انور عليم به هن اسڪينڊل ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو رهيو ۽ پئسن جي ٽرانزيڪشن جو حساب به ڪنٽرولر وٽ هوندو هو۔
