ڪراچي:(ڪلياڻ نيوز ٽي وي) ايف آءِ اي ٽن پاڪستاني عورتن کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جن کي سعودي عرب ۾ عمري جي آڙ ۾ مبينا جسم فروشي جي الزام هيٺ پاڪستان ڊي پورٽ ڪيو ويو هو۔
شروعاتي پڇا ڳاڇا دوران عورتن مبينا طور جسم فروشي ۾ ملوث هجڻ جو اعتراف ڪيو۔
سعودي پوليس طرفان گرفتار ڪرڻ ۽ سزا پوري ٿيڻ کان پوءِ کين پاڪستان جلاوطن ڪيو ويو۔
