March 16, 2026 9:59 PM

باجوڙ ۾ افغان طالبان جي سرحد پار حملي دوران چار شهري شهيد، ٻار زخمي

باجوڙ:(ڪلياڻ نيوز ٽي وي) باجوڙ ضلعي جي سلارزئي ۽ تبستہ ليتائي علائقن ۾ افغان طالبان طرفان سرحد پار کان توپخاني ۽ مارٽر فائرنگ ۾ چار معصوم شهري شهيد ٿي ويا، جڏهن ته هڪ 5 سالن جو ٻار شديد زخمي ٿي پيو۔

وفاقي اطلاعات واري وزير عطا تارڙ موجب شهيد ٿيندڙ چارئي ڀائر ساجد، اياز، رياض ۽ معاذ هئا۔

وزير چيو آهي ته افغان طالبان جان بوجھ ڪري بيگناهه شهري ماڻهن کي نشانو بڻائي رهيا آهن ۽ فتنه الخوارج جهڙين دهشتگرد تنظيمن سان گڏ ڪارروائيون ڪري رهيا آهن، جيڪي بين الاقوامي قانونن ۽ بنيادي انساني قدرن جي سنگين خلاف ورزي آهن۔

عطا تارڙ موجب آپريشن غضب الحق جي اثرائتي ڪارروائين سبب افغان طالبان ۽ دهشتگرد سخت دٻاءُ ۽ مايوسي ۾ آهن، ۽ انهن جي پوسٽن ۽ انفراسٽرڪچر کي مضبوط جواب ڏنو پيو وڃي۔