March 16, 2026 10:14 PM

پاڪستان جي اڳوڻي ڪپتان سرفراز احمد بين الاقوامي ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو

اسلام آباد:(ڪلياڻ نيوز ٽي وي) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان سرفراز احمد بين الاقوامي ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي۔

سرفراز احمد چيو آهي ته پاڪستان جي نمائندگي ڪرڻ سندس زندگي جو سڀ کان وڏو اعزاز رهيو آهي، جڏهن ته 2006 جو انڊر 19 ورلڊ ڪپ ۽ 2017 جي چيمپئنز ٽرافي کٽڻ سندس ڪيريئر جا يادگار لمحا رهيا۔

هن پنهنجي ساٿين، ڪوچز، خاندان ۽ مداحن جي حمايت تي ٿورا مڃيندي چيو ته ٽنهي فارميٽن ۾ پاڪستان ٽيم جي اڳواڻي ڪرڻ سندس لاءِ خواب جي ساڀيان هئي۔

سرفراز احمد جو چوڻ آهي ته بابر اعظم، فخر زمان، حسن علي، شاهين شاهه آفريدي ۽ شاداب خان جهڙن ميچ ونرز کي اڀرندي ڏسڻ سندس لاءِ فخر جو باعث آهي، جڏهن ته پاڪستان ڪرڪيٽ هميشه سندس دل جي ويجهو رهندي۔