March 16, 2026 11:54 PM

ڊيرا غازي خان: فحاشي جا اڏا بند ڪرائڻ لاءِ درخواست ڏيندڙ شخص گرفتار

ڊيرا غازي خان:(ڪلياڻ نيوز ٽي وي) ڊيرا غازي خان ۾ لاري اڏا پوليس تي الزام لڳايو ويو آهي ته فحاشي جا اڏا بند ڪرائڻ لاءِ درخواست ڏيڻ واري شخص کي ئي گرفتار ڪيو ويو۔

پوليس موجب لاري اڏا واري علائقي ۾ قائم فحاشي جي اڏن خلاف ڪارروائي ڪندي 9 ڪيس داخل ڪيا ويا، جن ۾ 53 مردن ۽ 21 عورتن کي گرفتار ڪري جيل موڪليو ويو۔

پوليس جو چوڻ آهي ته درخواست ڏيندڙ يا فون ڪندڙ کي گرفتار ڪرڻ بابت لڳايل الزام بي بنياد ۽ غلط آهن۔

پوليس مطابق اي ايس آءِ راشد هڪ ڪانسٽيبل سان گڏ ڪارروائي ڪندي ضامن شاهه نالي شخص کي گرفتار ڪيو، جيڪو مبينا طور آئس منشيات جو عادي آهي ۽ وٽس ڇري پڻ هئي۔

پوليس جو چوڻ آهي ته ڪجهه خواجه سرا ماڻهن پڻ جوابدار جي ڌمڪي ڀريي رويي بابت شڪايت ڪئي هئي۔