March 16, 2026 11:54 PM

حيدرآباد: شادي هال جو مالڪ 20 لک رپيا ڀُنگ ڏيڻ بعد آزاد، اغوا ۾ پوليس اهلڪار به شامل

حيدرآباد:(ڪلياڻ نيوز ٽي وي) حيدرآباد ۾ اغوا ٿيل شادي هال جي مالڪ کي 20 لک رپيا ڀُنگ ڏيڻ کان پوءِ آزاد ڪيو ويو آهي۔

پوليس موجب هالي روڊ تان شادي هال جي مالڪ کي اغوا ڪيو ويو هو، جنهن کان پوءِ اغواڪارن 20 لک رپيا ڀُنگ وٺي کيس آزاد ڪري ڇڏيو۔

پوليس جو چوڻ آهي ته شادي هال جي مالڪ کي پنجن ماڻهن اغوا ڪيو، جن مان سادا ڪپڙا پهريل ٽي پوليس اهلڪار به شامل هئا۔

پوليس مطابق اغوا ۾ ملوث ٽنهي پوليس اهلڪارن کي گرفتار ڪري معطل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڀُنگ طور ورتل رقم به هٿ ڪئي وئي آهي۔