March 16, 2026 11:55 PM

روس جنگي حالتن دوران ايران ڏانهن انساني امداد موڪليندڙ پهريون ملڪ بڻجي ويو

ماسڪو:(ڪلياڻ نيوز ٽي وي) روس تازين جنگي حالتن دوران ايران ڏانهن انساني امداد موڪليندڙ پهريون ملڪ بڻجي ويو آهي۔

ذريعن موجب هڪ روسي آءِ ايل-76 ڪارگو جهاز 13 ٽن کان وڌيڪ طبي سامان کڻي آذربائيجان پهتو، جتان امداد ايراني اختيارين تائين منتقل ڪئي ويندي۔

روسي ايمرجنسي وزارت موجب امداد ۾ دوائون ۽ ٻيو طبي سامان شامل آهي، جڏهن ته اها امداد آذربائيجان کان سرحد پار ٽرڪن ذريعي ايران موڪلي ويندي۔

ذريعن موجب هي قدم اهڙي وقت کنيو ويو آهي جڏهن علائقي ۾ تڪرار وڌي رهيو آهي، ۽ امداد روسي صدر ولاديمير پيوٽن جي هدايت تي موڪلي وئي آهي۔