واشنگٽن:(ڪلياڻ نيوز ٽي وي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته هو ايران کي ڪڏهن به ايٽمي هٿيار حاصل ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندو ۽ وچ اوڀر ۾ امن قائم رکڻ کي ترجيح ڏيندو۔
صدر ٽرمپ سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ ايران کي “بڇڙي سلطنت” قرار ڏنو ۽ واضح ڪيو ته آمريڪا دنيا جو سڀ کان وڏو تيل پيدا ڪندڙ ملڪ آهي، ۽ تيل جي قيمتن ۾ واڌ تي آمريڪا مالي طور فائدو حاصل ڪندو، پر سندس لاءِ سڀ کان اهم مامرو ايران کي عالمي ۽ علائقائي نقصان کان روڪڻ آهي۔
امريڪي ميگزين موجب، صدر ٽرمپ ايندڙ ٽن کان چئن هفتن تائين ايران سان فوجي آپريشن جاري رکڻ جو ارادو رکي ٿو، جنهن کان پوءِ هو صورتحال مطابق اڳتي جا قدم طئي ڪندو۔
