واشنگٽن:(ڪلياڻ نيوز ٽي وي) آمريڪي عوام جو وڏو حصو صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ايران خلاف آپريشن کي جيفري ايپسٽين اسڪينڊل تان ڌيان هٽائڻ لاءِ شروع ٿيل قرار ڏئي رهيو آهي۔
هڪ آمريڪي ويب سائيٽ جي سروي مطابق 52 سيڪڙو آمريڪين جو چوڻ آهي ته ٽرمپ ايران خلاف فوجي آپريشن جو مقصد عوامي ڌيان کي بدنام جنسي مجرم جيفري ايپسٽين جي ڪيس تان هٽائڻ هو، جيڪو سندس صدارت لاءِ هڪ امڪاني خطرو طور ڏٺو ويندو آهي۔
سروي ۾ 40 سيڪڙو ماڻهن ان راءِ سان متفق نه هئا، جڏهن ته 8 سيڪڙو شرڪت ڪندڙ غير يقيني رهيا۔
واشنگٽن ۾ آمريڪي عوام جو ڪجهه حصو هن فوجي آپريشن کي مذاق طور تي “آپريشن ايپسٽين فيوري” به سڏڻ شروع ڪيو آهي، جيڪو سوشل ميڊيا تي تيزي سان وائرل ٿي رهيو آهي۔
