اسلام آباد:(ڪلياڻ نيوز ٽي وي) صدر آصف علي زرداري وزيراعظم جي صلاح تي نهال هاشمي کي سنڌ جو گورنر مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي۔
صدر آصف علي زرداري نهال هاشمي کي نئين ذميواري ملڻ تي مبارڪباد ڏيندي نيڪ تمنائن جو اظهار ڪيو آهي۔
ڪراچي سان تعلق رکندڙ نهال هاشمي ڊگهي عرصي کان مسلم ليگ (ن) سان لاڳاپيل رهيو آهي۔ هو 1997 کان 1999 تائين وزيراعظم نواز شريف جو قانون ۽ انصاف بابت صلاحڪار پڻ رهيو۔
سال 2012 ۾ هن ڪراچي ۾ مسلم ليگ (ن) جي صدر طور خدمتون سرانجام ڏنيون، جڏهن ته آگسٽ 2014 ۾ کيس سنڌ ۾ پارٽي جو جنرل سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو۔
2015 ۾ نهال هاشمي کي مسلم ليگ (ن) طرفان سينيٽ لاءِ اميدوار طور چونڊيو ويو، جڏهن ته هاڻي کيس سنڌ جو گورنر مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي۔
ياد رهي ته 2017 ۾ پاناما ڪيس بابت تڪراري بيان کانپوءِ کيس مسلم ليگ (ن) مان ڪڍيو ويو هو، پر 2021 ۾ سندس پارٽي ميمبرشپ ٻيهر بحال ڪئي وئي۔
