March 12, 2026 11:28 PM

ايران جا اسرائيل ۽ آمريڪا سان جنگ بندي لاءِ ٽي شرط، جنگ بندي لاءِ عالمي ضمانتن جو مطالبو

تهران:(ڪلياڻ نيوز ٽي وي) ايراني صدر مسعود پيشمرگا اسرائيل ۽ آمريڪا سان جنگ بندي لاءِ ٽي شرط پيش ڪيا آهن۔

سوشل ميڊيا تي جاري بيان ۾ ايراني صدر چيو ته جنگ بندي لاءِ پهريون شرط ايران جي آئيني حقن کي تسليم ڪرڻ آهي، ٻيو شرط جنگ دوران ٿيل نقصانن جو معاوضو ادا ڪرڻ آهي، جڏهن ته ٽيون شرط عالمي طاقتن پاران اها ضمانت فراهم ڪرڻ آهي ته مستقبل ۾ ايران خلاف ڪا به جارحيت نه ڪئي ويندي۔

ايراني صدر موجب هن روسي صدر ۽ پاڪستان جي وزيراعظم سان ڳالهين دوران به خطي ۾ امن لاءِ ايران جي عزم کي ورجايو آهي۔

ٻئي طرف ايراني انقلابي گارڊز خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن ايران جي بندرگاهن کي نشانو بڻايو ويو ته علائقي جي ٻين ملڪن جا بندرگاهه به نشانو بڻائي سگهجن ٿا۔

بيان ۾ چيو ويو ته ايران دشمنن تي ڀروسو نٿو ڪري ۽ فتح حاصل ٿيڻ تائين پنهنجي ڪارروائين کي جاري رکندو۔