March 13, 2026 5:07 AM

منڊي بهاوالدين ۾ پوليس ڪارروائي دوران عورت فوت، جاچ شروع

منڊي بهاوالدين:(ڪلياڻ نيوز ٽي وي) ڳوٺ ڌريڪان ۾ پوليس ڪارروائي دوران هڪ عورت جي موت جو واقعو سامهون آيو آهي، جنهن بعد معاملي بابت مختلف دعوائون سامهون اچي رهيون آهن۔

رپورٽ موجب ٿانهه سول لائن پوليس ملزمان جي گرفتاري لاءِ ڳوٺ ۾ ڪارروائي ڪئي، جنهن دوران مبينا طور عورتن تي تشدد ڪيو ويو ۽ ان تشدد جي نتيجي ۾ هڪ عورت فوت ٿي وئي۔

ٻئي طرف پوليس جو موقف آهي ته مقدمہ نمبر 170/26 ۾ چار ملزمان جي گرفتاري بعد انهن جي والدہ جي وفات جي اطلاع ملي۔

پوليس موجب شروعاتي جائزي دوران لاش تي تشدد يا زخم جا ڪي به نشان نه مليا، جنهن جي تصديق ليڊي ڊاڪٽر پڻ ڪئي آهي۔

پوليس موجب لاش کي وڌيڪ جاچ لاءِ ڊي ايڇ ڪيو اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته معاملي جي جاچ ايس پي انويسٽيگيشن حوالي ڪئي وئي آهي۔