ڪراچي:(ڪلياڻ نيوز ٽي وي) سنڌ جي تعليم ۽ معدني ترقي واري وزير سيد سردار علي شاهه جي صدارت هيٺ مائنز اينڊ منرلز کاتي جو اهم اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ صوبي ۾ غير قانوني مائننگ جي سڃاڻپ، ان جي روڪٿام ۽ اثرائتي قدمن بابت تفصيلي جائزو ورتو ويو۔
اجلاس ۾ سيڪريٽري مائنز اينڊ منرلز راجا شاهه زمان کهڙو، ڊي جي مائنز اينڊ منرلز مهيش لال دوداڻي ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي. کاتي جي عملدارن اجلاس کي بريفنگ ڏيندي غير قانوني مائننگ ۽ معدنيات جي غير قانوني نقل و حمل خلاف جاري ڪارروائين بابت آگاهه ڪيو۔
اجلاس دوران ڪراچي جي ملير، ڄامشورو، ننگرپارڪر ۽ ٺٽي ضلعن ۾ غير قانوني مائننگ جي صورتحال ۽ ان جي روڪٿام لاءِ کنيل قدمن تي تفصيلي غور ڪيو ويو۔
صوبائي وزير سيد سردار علي شاهه صوبي ۾ غير قانوني مائننگ جي مڪمل خاتمي لاءِ سخت ۽ فوري قدم کڻڻ جي هدايت ڪندي چيو ته غير قانوني سرگرمين ۾ ملوث عنصرن خلاف ڪارروائي تيز ڪئي وڃي ۽ نگراني جي نظام کي وڌيڪ مضبوط بڻايو وڃي۔
اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته صوبي ۾ غير قانوني مائننگ جي خاتمي لاءِ هڪ خاص ٽاسڪ فورس قائم ڪئي ويندي، جيڪا لاڳاپيل ادارن سان گڏجي اثرائتي ڪارروائي ڪندي۔
سيد سردار علي شاهه هدايت ڪئي ته مائنز اينڊ منرلز ڊپارٽمينٽ جا آفيسر پوليس سان گڏجي غير قانوني مائننگ کي روڪڻ لاءِ قدم کنن، جڏهن ته معدني وسيلن جي حفاظت ۽ قانوني طريقيڪار تحت مائننگ کي يقيني بڻائڻ لاءِ جامع حڪمت عملي تيار ڪئي وڃي۔
اجلاس ۾ غير قانوني مائننگ سبب پيدا ٿيندڙ ماحولياتي مسئلن کي روڪڻ لاءِ به اثرائتا قدم کڻڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون۔
