تهران:(ڪلياڻ نيوز ٽي وي) ايران تي آمريڪا ۽ اسرائيل جي گڏيل حملن ۾ هينئر تائين 1,230 ماڻهو مارجي وڃڻ جون رپورٽون سامهون آيون آهن، جڏهن ته ايران جي جوابي ڪارروائين ۾ 6 آمريڪي فوجين جي مارجي وڃڻ جي به خبر ڏني وئي آهي۔
عرب ميڊيا موجب، ايران ۾ ٿيل آمريڪي-اسرائيلي حملا وڏي جاني نقصان جو سبب بڻيا آهن، جڏهن ته لبنان ۾ جاري اسرائيلي حملي دوران به 77 ماڻهن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي۔
رپورٽن مطابق، اسرائيل تي ايران جي ميزائل ۽ ڊرون حملن ۾ 6 آمريڪي فوجين سميت مجموعي طور 11 ماڻهو مارجي ويا آهن۔
عرب ميڊيا موجب، گڏيل عرب امارات ۾ ايران جي حملي دوران 3 ماڻهو مارجي ويا، جڏهن ته بحرين ۾ ميزائل فائر ٿيڻ کان پوءِ صنعتي علائقي ۾ لڳل باهه سبب هڪ شخص حياتي وڃائي ويٺو۔
ان کان علاوه، ڪويت ۾ ايراني حملي جي نتيجي ۾ ٻن ڪويتي فوجين سميت 4 ماڻهو مارجي ويا آهن۔
ميڊيا رپورٽن موجب، عمان جي هڪ بندرگاهه ويجهو ٽينڪر تي پروجيڪٽائل حملي سبب پڻ هڪ ماڻهو مارجي ويو۔
