اسلام آباد:(ڪلياڻ نيوز ٽي وي) پيٽروليم ڊويزن جي ذريعن موجب موجوده جنگي حالتن سبب پاڪستان عارضي طور قطر کان ايل اين جي حاصل نه ڪندو۔
ذريعن جو چوڻ آهي ته قطر پاڪستان کي گئس جي فراهمي ۾ وقفي بابت اڳواٽ آگاهه ڪري ڇڏيو آهي۔
ذريعن مطابق مارچ مهيني دوران قطر کان ڪُل 8 ايل اين جي ڪارگو اچڻا هئا، جن مان صرف 2 پاڪستان پهچي چڪا آهن، جڏهن ته باقي 6 ڪارگو 7، 11، 12، 16، 20 ۽ 21 مارچ تي پهچڻا هئا۔
ذريعن وڌيڪ ٻڌايو ته پاڪستان کي موجوده دستياب ايل اين جي کي احتياط سان منظم ڪرڻو پوندو، جيئن 20 کان 21 مارچ تائين گئس جي فراهمي کي ڪنهن حد تائين برقرار رکجي سگهي۔
ان صورتحال سبب ملڪ ۾ صنعتي شعبي سميت ٻين ڪيترن ئي شعبن کي ايل اين جي جي فراهمي متاثر ٿيڻ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي۔
