اسلام آباد:(ڪلياڻ نيوز ٽي وي) آئل اينڊ گئس ريگيوليٽري اٿارٽي چيو آهي ته ملڪ ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل جا ڪافي ذخيرا موجود آهن ۽ شهرين کي افواهن تي ڌيان نه ڏيڻ گهرجي۔
اوگرا جي ترجمان موجب عوام صرف سرڪاري ذريعن تان جاري ڪيل معلومات تي ڀروسو ڪري۔
بجلي جي في يونٽ قيمت ۾ واڌ، نوٽيفڪيشن جاري
هن چيو ته تيل مارڪيٽنگ ڪمپنين کي قيمتن ۾ تيز اتار چڙهاؤ دوران ذخيره اندوزي جي حوصلا شڪني ڪرڻي پوندي۔
ترجمان وڌيڪ چيو ته تيل مارڪيٽنگ ڪمپنيون اڳئين معمول مطابق پيٽروليم شين جي فراهمي يقيني بڻائين ته جيئن مارڪيٽ ۾ ڪنهن به قسم جي کوٽ پيدا نه ٿئي۔
