اسلام آباد:(ڪلياڻ نيوز ٽي وي) وفاقي اطلاعات واري وزير عطاءُ الله تارڙ ”آپريشن غضب الحق“ بابت تفصيل جاري ڪري ڇڏيا آهن۔
وزير موجب پاڪستان جي جوابي ڪارروائي دوران افغان طالبان جي حڪومت جا 481 ڪارڪن مارجي ويا ۽ 696 کان وڌيڪ زخمي ٿيا۔
هن دعويٰ ڪئي ته پاڪستاني فوج 226 چيڪ پوسٽون تباهه ڪيون، 35 اهلڪار گرفتار ڪيا ۽ 198 ٽينڪ، بکتر بند گاڏيون ۽ توپخانا پڻ تباهه ڪيا۔
✅Operation Ghazb lil Haq
— Attaullah Tarar (@TararAttaullah) March 4, 2026
✅Update 1600 hours 4 March
✅ Summary of Afghan Taliban losses
▪️481 Killed,
▪️696 + Injured
▪️226 Check posts destroyed
▪️35 Posts captured
▪️198 tanks, armoured vehicles, artillery guns destroyed
▪️56 locations across Afghanistan effectively…
عطاءُ الله تارڙ وڌيڪ چيو ته هوائي حملن دوران افغانستان ۾ 56 هنڌن کي نشانو بڻايو ويو۔
ٻئي طرف نيو يارڪ ٽائمز دعويٰ ڪئي آهي ته آپريشن دوران پاڪستان بگرام ايئر بيس کي به نشانو بڻايو۔
رپورٽ موجب حملي ۾ هڪ هوائي جهاز جو هينگر ۽ بگرام ايئر بيس جا ٻه گودام تباهه ٿيا، جڏهن ته ان حوالي سان سيٽلائيٽ تصويرون پڻ سامهون آيون آهن۔
