اسلام آباد:(ڪلياڻ نيوز ٽي وي) نيپرا فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ تحت بجلي جي اگهه ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن موجب بجلي في يونٽ 1 رپيو 63 پئسا مهانگي ڪئي وئي آهي۔
نوٽيفڪيشن مطابق جنوري جي فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ هي اضافو ڪيو ويو آهي، جيڪو صارفين کان مارچ مهيني جي بلن ۾ وصول ڪيو ويندو۔
ملڪ ۾ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر واڌ جو امڪان
نيپرا واضح ڪيو آهي ته اهو اضافو لائف لائين صارفين ۽ برقي گاڏين جي چارجنگ اسٽيشنن تي لاڳو نه ٿيندو۔
اداري جنوري جي فيول قيمتن بابت ٻڌڻي مڪمل ڪرڻ بعد پنهنجو فيصلو محفوظ ڪيو هو، جنهن کان پوءِ هاڻي واڌ جو باقاعده اعلان ڪيو ويو آهي۔
