March 7, 2026 1:27 PM

آپريشن نجات مهران: گهوٽڪي جا بدنام ڏوهاري راهب شر ۽ ظهور شر پنهنجن ساٿين سميت هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيا

سنڌ–پنجاب سرحد ويجهو رونتي ڪچي ۾ جاري آپريشن نجات مهران دوران گهوٽڪي جا بدنام ڏوهاري راهب شر ۽ ظهور شر پنهنجن ساٿين سميت هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيا۔

سنڌ پوليس موجب ڪارروائي ڪاميابي سان اڳتي وڌي رهي آهي، جنهن تي آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍو ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو/سکر، ايس ايس پي گهوٽڪي ۽ سموري ٽيم کي شاندار ڪارڪردگي تي مبارڪباد ڏني آهي۔

آءِ جي سنڌ چيو ته سنڌ پوليس، رينجرز ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي آفيسرن ۽ جوانن جي انتھڪ محنت، پيشه ورانه مهارت ۽ بهادري سبب اهي ڪاميابيون حاصل ٿيون آهن۔

هن وڌيڪ چيو ته آپريشن نجات مهران ۾ حصو وٺندڙ هر آفيسر ۽ جوان خراجِ تحسين جو مستحق آهي۔

پوليس موجب هٿيار ڦٽا ڪندڙ ملزمن ۾ مُلي شر، نادر شر، سنڌو شيخ ۽ موريو شر شامل آهن، جيڪي سنگين نوعيت جي ڪيترن ئي مقدمات ۾ پوليس کي گهربل هئا۔