March 7, 2026 1:20 PM

دادو: اوورلوڊنگ خلاف پوليس جو ڪريڪ ڊائون، 8 گاڏيون ضبط، 4 لک رپيا جرمانو

دادو: (رپورٽ: عزيز احمد ملڪ) دادو پوليس ضلعي اندر ٽريفڪ قانونن تي عملدرآمد يقيني بڻائڻ لاءِ اوورلوڊنگ خلاف وڏي پيماني تي ڪارروائي جاري رکي آهي. ٽريفڪ پوليس ۽ مختلف ٿاڻن جي گڏيل آپريشن دوران دادو، ڪڪڙ ۽ ڪي اين شاهه سميت هاءِ وي جي مختلف هنڌن تان 8 اوورلوڊ گاڏيون تحويل ۾ ورتيون ويون.

پوليس موجب قانون جي ڀڃڪڙي تي هر گاڏي تي 50 هزار رپيا جرمانو عائد ڪيو ويو، جنهن سان مجموعي طور 4 لک رپيا جرمانو وصول ڪيو ويو. ڪارروائي دوران خاص طور تي غير محفوظ طريقي سان ڀوسو کڻي ويندڙ اوورلوڊ ٽرڪن ۽ ٽرالين خلاف قانوني قدم کنيا ويا.

ان موقعي تي ڊرائيورن کي سختي سان هدايت ڪئي وئي ته مقرر وزن کان وڌيڪ لوڊنگ کان پاسو ڪن، ڇو ته اوورلوڊنگ ٽريفڪ حادثن، رستن جي نقصان ۽ قيمتي انساني جاني نقصان جو سبب بڻجي ٿي.

ايس ايس پي دادو ڪئپٽن (ر) امير سعود مگسي جو چوڻ هو ته اوورلوڊنگ ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي، ۽ دادو پوليس عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ بنا فرق ۽ بنا دٻاءَ ڪارروائيون جاري رکندي.