March 7, 2026 1:24 PM

حيدرآباد: ايس ايس پي شاهزيب چاچڙ جي صدارت هيٺ ڪرائم ڪنٽرول ۽ رمضان سيڪيورٽي انتظامن بابت اجلاس

حيدرآباد:(ڪلياڻ نيوز ٽي وي) حيدرآباد پوليس هيڊڪوارٽر ۾ ايس ايس پي شاهزيب چاچڙ جي صدارت هيٺ ڪرائم ڪنٽرول ۽ رمضان المبارڪ دوران سيڪيورٽي انتظامن بابت اهم اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ ڊي ايس پي CIA افتخار احمد برڙو ۽ ضلع جا سڀئي ايس ڊي پي اوز ۽ ايس ايڇ اوز شرڪت ڪئي۔
اجلاس دوران ضلع ۾ امن امان جي صورتحال جو تفصيلي جائزو ورتو ويو ۽ بازارن، مساجد، امام بارگاهن ۽ تراويح جي دوران فول پروف سيڪيورٽي يقيني بڻائڻ جا حڪم جاري ڪيا ويا. پوليس پيٽرولنگ ۽ اسنيپ چيڪنگ کي وڌيڪ مؤثر بڻائڻ تي زور ڏنو ويو۔
ايس ايس پي شاهزيب چاچڙ سڀني ڊي ايس پيز ۽ ايس ايڇ اوز کي هدايتون ڏنيون ته هو فیلڊ ۾ متحرڪ رهن، آن گرائونڊ نگراني مضبوط ڪن ۽ جرمن جي روڪٿام لاءِ مؤثر حڪمت عملي اپنائن۔
اضافي طور تي ضلع ۾ امن قائم رکڻ، منشيات وڪڻندڙن ۽ جرائم پيشه ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪرڻ، ۽ گداگيري خلاف جاري ڪریک ڊائون کي تيز ڪرڻ تي به ڌيان ڏنو ويو۔
اجلاس جي پڄاڻي تي ايس ايس پي حيدرآباد زور ڏنو ته رمضان المبارڪ دوران عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت ۽ پُرامن ماحول جو قيام اولين ترجيح آهي، جنهن لاءِ سڀئي افسر پنهنجون ذميواريون پيشه ورانه انداز ۾ انجام ڏين۔