ڪراچي:(ڪلياڻ نيوز ٽي وي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پيپلز پارٽي جي اڳواڻن سان گڏ ڪراچي جي مختلف علائقن جو دورو ڪيو، جتي انهن کي اعليٰ اختيارين ترقياتي منصوبن بابت بريفنگ ڏني وئي۔
وڏي وزير سان گڏ سيد ناصر حسين شاهه، شرجيل انعام ميمڻ ۽ ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب پڻ موجود هئا. دورو بغير ڪنهن پروٽوڪول يا اضافي سيڪيورٽي جي ڪيو ويو۔
سيد مراد علي شاهه بلديا ملٽي اسپورٽس ڪمپليڪس جو معائنو ڪيو، جيڪو ايم سي پاران 1.5 ارب رپين جي لاڳت سان تعمير ڪيو پيو وڃي. ڪمپليڪس ۾ ڪرڪيٽ، فٽبال، فٽسال ۽ ٻين راندين لاءِ جديد گرائونڊ موجود هوندا۔
وڏي وزير بلديا ۾ ڊزيز ڪلب اسپتال جو پڻ دورو ڪيو ۽ مريضن جي خيريت بابت پڇا ڪئي۔
بلديا ٽائون کان پوءِ، سيد مراد علي شاهه پٽي مبارڪ ڳوٺ جو دورو ڪيو، جتي روڊ جي تعميراتي ڪم جو معائنو ڪيو ويو. گڏوگڏ تعمير هيٺ لال بکر ڊيم جو دورو پڻ شامل هو۔
سيد مراد علي شاهه زور ڏنو ته سنڌ حڪومت پاران شروع ڪيل سڀ ترقياتي ڪم وقت تي مڪمل ڪيا وڃن ۽ علائقن ۾ جديد شهري سهولتون فراهم ڪيون وڃن۔
