Daily Kalyan Sindhi News

حڪومت پاران ٽريفڪ قوانين ۾ سختي، هيلمٽ جا اگهه 4-5 هزار رپين تائين پهچي ويا

پنجاب حڪومت پاران ٽريفڪ جي ضابطن تي سخت عمل ڪرائڻ جي نتيجي ۾ هيلميٽ وڪڻڻ وارن جي خوب ڪمائي ٿي رهي آهي۔

دڪاندارن منافعو وٺڻ ۾ تمام گهڻو واڌارو ڪيو آهي، ڪجهه هفتا اڳ جيڪو هيلميٽ 500 کان 700 روپين تائين ملي رهيو هو، اهو هاڻي 2 هزار کان 4 هزار 500 تائين وڃي پهتو آهي۔

فيصل آباد ۾ هيلميٽ جي لازمي شرط تي سختي سان عمل ٿيڻ کانپوءِ موٽر سائيڪل هلائيندڙن جون مشڪلاتون وڌي ويون آهن، هڪ طرف ٻه هزار جو چالان آهي ته ٻئي طرف دڪاندارن به موقعي جو فائدو وٺندي هيلميٽ جا اگهه وڌائي ڇڏيا آهن۔

خريدارن جو چوڻ آهي ته مارڪيٽ ۾ 1500 وارو هيلميٽ 8 هزارن تائين وڪرو ٿي رهيو آهي، ضلعي انتظاميا جو چوڻ آهي ته اوچتو هيلميٽ جي وڪري ۾ واڌ ٿيڻ ڪري دڪاندارن اگهن ۾ اضافو ڪيو آهي، شهرين جي دانهن تي لڪل طريقي سان هيلميٽ وڪرو ڪندڙن جي خلاف ڪاروائي شروع ڪئي وئي آهي۔

ڇا توهان هي خبر شيئر ڪرڻ چاهيو ٿا؟
Scroll to Top