صدر آصف علي زرداري ۽ ڪرغزستان جي صدر صادر ژاپاروف ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي، جيڪا 20 سالن کانپوءِ ڪرغزستان جي ڪنهن صدر جو پاڪستان جو پهريون دورو آهي.
ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن واپار، اقتصادي رابطا وڌائڻ ۽ CASA-1000 منصوبي تي ڳالھ ٻول ڪئي. پاڪستان ڪرغزستان کي واپاري رستو ڏيڻ ۽ سڌيون پروازون شروع ڪرڻ جي آڇ ڪئي.
صدر زرداري ڪرغزستان جي شاگردن ۽ ورڪرز جي ميزباني ڪرڻ تي ڪرغز حڪومت جي مهرباني ادا ڪئي. ٻنهي اڳواڻن توانائي، واپار، تعليم ۽ رابطن کي وڌائڻ جو پڻ عزم ڪيو.
ان کان سواءِ ڪرغز صدر عورتن لاءِ 30 سيڪڙو سيٽن واري نئين قانون جو ذڪر ڪيو ۽ پاڪستان جي يو اين سيڪيورٽي ڪائونسل جي چونڊن ۾ حمايت ڪرڻ تي شڪريو ادا ڪيو.
صدر زرداري ڪرغز صدر کي سالگره جي مبارڪباد ڏني ۽ سندس اعزاز ۾ ايوان صدر ۾ عشايو ڏنو ويو.