حيدرآباد: لطيف آباد جي علائقي ڪوھسار روڊ تي ھڪ تيز رفتار گاڏي موٽرسائيڪل تي سوار پوليس عملدارن کي زور سان ٽڪر ھنيو جنهن ڪري موٽرسائيڪل تي سوار پوليس ٻئي عملدار سخت زخمي ٿي پيا.
خبر موجب اھي عملدار پنھنجي ڊيوٽي تان واپس وڃي رھيا ھئا. سندن سڃاڻپ طارق ۽ خالد جي نالن سان ٿي آھي، ٻئي پوليس عملدار شهيد عزيز بلوچ پوليس ٽريننگ سينٽر ۾ مقرر ھئا.