Daily Kalyan Sindhi News

غوثپور: ذاتي جهڳڙي جي نتيجي ۾ چاچي پنهنجي ئي ڀائٽي کي چاقو سان حملو ڪري کيس ماري وڌو

غوثپور جي ڳوٺ ڪرمپور ۾ ذاتي جهڳڙي تان هڪ جوابدار چاچي پنهنجي ڀائٽي تي چاقو سان حملو ڪري کيس ماري وڌو.

نوجوان آصف علي ملڪ کي سندس چاچي پناهه ملڪ چاقو هڻي زخمي ڪري وڌو، جنهن کي سندس گھرڀاتين فوري طور تي ڪرمپور جي گورنمينٽ اسپتال ۾ کڻي ويا، جتان کيس وڌيڪ علاج لاءِ سکر منتقل ڪيو ويو، پر هو رستي ۾ ئي فوت ٿي ويو.

اطلاع موجب جوابدار پناهه ملڪ واقعي واري هنڌ تان فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، جنهن جي خلاف هن وقت تائين ڪوبه قانوني ڪيس داخل نه ڪيو ويو آهي.

ڇا توهان هي خبر شيئر ڪرڻ چاهيو ٿا؟
Scroll to Top