ڪراچي جي علائقي اورنگي ٽائون ۾ ھڪ نوجوان جي قاتل ڌاڙيل کي شهرين پاران ٿنڀي سان ٻڌي جيئرو ساڙيو ويو.
اورنگي ٽائون سيڪٽر 7 بلوچ ڳوٺ ۾ ڌاڙي دوران مزاحمت ڪرڻ تي ڌاڙيلن فائرنگ ڪري عبدالحنان نامي شخص کي قتل ڪري ڇڏيو، ان کانپوءِ جڏهن ڌاڙيل فرار ٿيڻ لڳا ته هڪ ڌاڙيل کي شهرين پڪڙي ورتو.
غصي ۾ آيل ماڻهن ڌاڙيل کي بجلي جي ٿنڀي سان ٻڌي سخت تشدد جو نشانو بڻايو ۽ پوءِ پيٽرول وجهي کيس باهه ڏئي ڇڏي.
عين شاهدن موجب ڌاڙيل دانهون ڪندو رهيو پر غصي ۾ آيل ماڻهن سندس ڪا به نه ٻڌي، اطلاع ملڻ تي پوليس پهچي باهه وسائي پر ان وقت تائين ڌاڙيل فوت ٿي چڪو هو، جنهن جي سڃاڻپ ساجد جي نالي سان ٿي آهي.
پوليس جي اعليٰ اختيارين لاپرواهي ڏيکارڻ تي ايس ايڇ او اورنگي ٽائون کي معطل ڪري ڇڏيو آهي ۽ واقعي جي جاچ جاري آهي.