ڪراچي: گذريل ڏينھن کان غائب بن قاسم ٿاڻي جو سب انسپيڪٽر لال بخش منظرعام تي اچي ويو آھي.
سب انسپيڪٽر لال بخش الزام ھنيو آھي تہ گذريل رات ايس ايڇ او بن قاسم کيس پنھنجي ڪمري ۾ گھرايو ۽ چيو تہ زير حراست ملزم کي مقابلي ۾ ماريو وڃي، سندس انڪار ڪرڻ تي ايس ايڇ او کيس تشدد جو نشانو بڻايو.
لال بخش جو چوڻ آھي تہ ايس ايڇ او سندس سرڪاري پستول ۽ موبائل فون کسي ورتو، جڏھن ھو ٿاڻي مان ٻاھر نڪري رھيو ھو تہ چئن ماڻھن کيس اغوا ڪري ورتو.
سب انسپيڪٽر موجب ھٿياربند ماڻھو کيس پري ھڪ ويران جڳھ تي ڇڏي فرار ٿي ويا، ھن ھڪ رھگير کان مدد ورتي ۽ سندس فون تان 15 تي ڪال ڪئي.
پوليس جي اعليٰ اختيارين موجب ايس ايس پي ملير سب انسپيڪٽر جي معاملي جي جاچ ڪري رھيو آھي.