صوبائي وزير شرجيل ميمڻ جو چوڻ هو ته سياست هڪ اچڻ وڃڻ واري شيءِ آهي ليڪن انساني زندگي ان کان وڌيڪ قيمتي آهي، تنهن ڪري جنهن به ڪوتاهي ڪئي آهي ان جي خلاف لازمي ڪارروائي ٿيڻ گهرجي.
سنڌ اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي ڪراچي ۾ کليل گٽر ۾ ڪري فوت ٿي ويل معصوم ٻارڙي جي باري ۾ صوبائي وزير شرجيل ميمڻ صاحب جو چوڻ هو ته جنهن ڪنهن جي به اها ذميواري هئي، ۽ جيڪڏهن هن اها ذميواري پوري ناهي ڪئي ته ان کي سزا ملڻ گهرجي، ۽ جيڪڏهن اها ذميواري منهنجي هئي ته پوءِ مون کي به سزا ملڻ گهرجي.
هن وڌيڪ چيو ته مان ڏکويل خاندان سان تعزيت جو اظهار ڪريان ٿو ۽ اسان سندن ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون، ريسڪيو ٽيمون فوري طور تي واقعي واري هنڌ پهتيون، ميئر ڪراچي به اتي موجود هو، هن وڌيڪ چيو ته مون کي افسوس ٿئي ٿو ته اهڙي نازڪ موقعي تي به هڪ ٻئي مٿان الزام تراشيون ڪيون پيون وڃن.
شرجيل ميمڻ جو چوڻ هو ته هي انساني زندگين جو مسئلو آهي ۽ ان کان وڌيڪ ٻيو ڪجهه به ناهي، جيڪڏهن ڪنهن به آفيسر پنهنجو ڪم صحيح نموني سان نه ڪيو ته اسان انهن کي قانون جي دائري ۾ سخت کان سخت سزا ڏينداسين، واقعي جي اطلاع کانپوءِ پندرنهن منٽن کان اڌ ڪلاڪ جي اندر امدادي ڪارروائي شروع ڪئي وئي هئي.