سنڌ ڪابينا ڪراچي ۾ رينجرز جي مقرري ۾ هڪ سال جي واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.
وڏي وزير سنڌ جي ترجمان مطابق رينجرز دهشتگردي روڪٿام ايڪٽ تحت اختيارين سان گڏ پوليس جي مدد جاري رکندي. سنڌ رينجرز جي مقرري جي نئين مدت 9 ڊسمبر 2025 کان شروع ٿيندي.
وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت ۾ سنڌ ڪابينا جو اجلاس اڄ منعقد ٿيو، جنهن ۾ ڪابينا ڊي ايڇ اي پائپ لائن منصوبي لاءِ پاڻي جي اگهن ۾ نظر ثاني جي منظوري ڏني، ڊي ايڇ اي لاءِ پاڻي جي قيمت 0.85 رپين مان گھٽائي 0.60 رپيا في گيلن مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
نئين اگهه جو تعين ڪي ڊبليو ايس سي ۽ ڊي ايڇ اي جي وچ ۾ ڳالهين جي دوران ڪيو ويو، ۽ ادائگي جو مدو 10 سال برقرار رکيو ويو آهي، ڪابينا کي آگاهي ڏني وئي ته هن منصوبي جي مالي پائيداري ۽ ڊي ايڇ اي لاءِ برداشت لائق اگهه کي مدنظر رکيو ويو آهي.
سنڌ ڪابينا برائون فيلڊ سائيٽن جي ٻيهر ترقي لاءِ ڪاربن فنانس حڪمت عملي جي پڻ منظوري ڏني. توانائي واري کاتي پراڻين صنعتن تي سولر پارڪ ۽ ونڊ فارمز ٺاهڻ جي تجويز پيش ڪئي، جام چڪرو سائيٽ کي جديد لينڊ فل ٺاهڻ ۽ ٻين ويسٽ سائيٽن کي اپ گريڊ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
وڏي وزير هدايت ڪئي ته سائنسي بنيادن تي لينڊ فل سائيٽس ۽ بايو گيس جا منصوبا ٺاهيا وڃن.