ڪراچي ۾ شهرين 23 آڪٽوبر کان 1 ڊسمبر تائين 40 ڏينهن ۾ گٽر جي ڍڪڻ نه هجڻ جون 1543 شڪايتون جمع ڪرايون.
نيپا چورنگي واقعي کان پوءِ انڪشاف ٿيو ته 40 ڏينهن ۾ گٽر جي ڍڪڻ نه هجڻ جون 1500 کان وڌيڪ شڪايتون مليون، جن مان 1449 شڪايتون 25 ٽائونز مان هيون.
واٽر ڪارپوريشن جي عملدارن ٻڌايو ته ڍڪڻ نه هجڻ جون سڀ کان وڌيڪ 169 شڪايتون ناظم آباد ٽائون کان موصول ٿيون ۽ نيو ڪراچي ٽائون مان کليل مين هولز بابت 149 شڪايتون مليون آهن.