Daily Kalyan Sindhi News

غيرقانوني پارڪنگ ڪندڙ گاڏين لاءِ اي چالان جو نئون منصوبو شروع

ڊي آءِ جي ٽريفڪ پير محمد شاھ غيرقانوني پارڪنگ ڪندڙ گاڏين لاءِ اي چالان جو نئون منصوبو شروع ڪيو ويو آهي.

ڊي آءِ جي ٽريفڪ ڪراچي پير محمد شاھ اجلاس ۾ بريفنگ ڏني ته روڊن تي ٽريفڪ مسئلن جو سبب بڻجندڙ غيرقانوني پارڪنگ جا اي چالان ڪيا ويندا.

ڪراچي جي وڏي بلديہ جو چوڻ آهي ته انتهائي خطرناڪ پيادلن لاءِ ٺهيل پُلن جي سڌاري لاءِ اهم قدم کنيا ويندا، پهرئين حصي ۾ 20 پُلن جي مرمت جو ڪم جاري آهي.

گڏجاڻي ۾ ٽريفڪ جي رش جو سبب بنجندڙ گاڏين جي بيهارڻ بابت واپاري عمارتن جي هيٺين منزلن تي گاڏين جي بيهارڻ واري جاءِ کي شروع ڪرڻ ۽ شاپنگ سينٽرن جي هيٺين منزلن تي گاڏين جي بيهارڻ جي ڪري وڌندڙ ٽريفڪ جي رش کي گهٽائڻ جي قدمن تي غور ڪيو ويو.

ڊي سي ڏکڻي چيو ته صدر ۾ 22 تجارتي عمارتن جي بيسمينٽ پارڪنگ تان تجاوزات ختم ڪرائي پارڪنگ لاءِ خالي ڪرائي وئي آهي.

ڇا توهان هي خبر شيئر ڪرڻ چاهيو ٿا؟
Scroll to Top