سنڌ هاءِ ڪورٽ بار جي سالياني چونڊن ۾ صدر واري سيٽ لاءِ سخت مقابلو ڏسڻ ۾ آيو، جتي حسيب جمالي 2,679 ووٽ حاصل ڪري ڪاميابي ماڻي سنڌ هاءِ ڪورٽ بار جو نئون صدر منتخب ٿي ويو. سندس مد مقابل اميدوار سرفراز ميتلو 2,604 ووٽ حاصل ڪري شڪست کاڌي.
چونڊن دوران وڪيل برادري وڏي تعداد ۾ پولنگ اسٽيشنن تي پهتي ۽ پرجوش ماحول ڏسڻ ۾ آيو. حسيب جمالي جي ڪاميابي تي سندس حامين خوشي جو اظهار ڪيو ۽ هڪ ٻئي کي مبارڪون ڏنيون.
نئين صدر پاران اميد ظاهر ڪئي وئي آهي ته هو بار ۽ بينچ جي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ، وڪيلن جي مسئلن جي حل ۽ عدالتي سڌارن لاءِ پنهنجو ڪردار نڀائيندو.