Daily Kalyan Sindhi News

ست سالن جي ٻار کان موبائيل فون کسڻ جي ڪوشش، مزاحمت تي کيس گولي هڻي ڇڏي

ڪراچي جي گڏاپ واري علائقي ۾ فائرنگ جي هڪ افسوسناڪ واقعي ۾ معصوم 7 سالن جو ٻار زخمي ٿي پيو آهي.

پوليس موجب، ڪجهه ڏوهارين 7 سالن جي ٻار کان موبائيل فون کسڻ جي ڪوشش ڪئي، پر جڏهن ٻار مزاحمت ڪئي ۽ فون ڏيڻ کان انڪار ڪيو، ته انهن ظالمن کيس گولي هڻي ڇڏي.

پوليس وڌيڪ ٻڌايو آهي ته زخمي ٻار کي فوري طور تي جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جتي ڊاڪٽر سندس زندگي بچائڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪري رهيا آهن.

ڇا توهان هي خبر شيئر ڪرڻ چاهيو ٿا؟
Scroll to Top