ڪراچي ۾ کنڊ جي اگهن ۾ واضح واڌ ڏٺي وئي آهي، جتي کنڊ جي في ڪلو قيمت ۾ 20 رپين تائين اضافو ٿيو آهي، جنهن کانپوءِ کنڊ 220 رپين في ڪلو تائين وڪرو ٿي رهي آهي.
شماريات کاتي موجب، ڪراچي ۾ کنڊ سڀ کان مهانگي آهي، حيدرآباد ۾ کنڊ 215 رپين في ڪلو ۽ ڪوئيٽا ۾ 216 رپين في ڪلو تائين وڪرو ٿي رهي آهي. خضدار ۾ کنڊ جي وڌ کان وڌ قيمت 210 رپيا ۽ لاڙڪاڻي ۾ 205 رپيا رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
اسلام آباد ۽ پنجاب ۾ کنڊ 190 رپين في ڪلو آهي، جڏهن ته پشاور ۾ 190 رپيا ۽ سکر ۾ 195 رپين تائين پهچي چڪي آهي.