ايڊيشنل آءِ جي جو چيو آهي ته ٽريفڪ قانون ٽوڙڻ تي جيڪڏهن پهريون دفعو چالان ٿئي ٿو ته ڏنڊ معاف ٿي ويندو، پر جيڪڏهن ٻيهر ائين ڪيو ويو ته پهريون چالان به ڀرڻو پوندو.
ايڊيشنل آءِ جي ٻڌايو ته ماڻهن کي چالان وقت تي ڀرڻ جي به هدايت ڪئي وئي آهي، ته جيئن هو وڌيڪ ڏنڊ کان بچي سگهن ۽ چالان 14 ڏينهن اندر ڀريو ويو ته 50 سيڪڙو تائين رعايت ملندي.
ايڊيشنل آءِ جي چيو ته پنجاب ڪابينا جي منظوري کانپوءِ نئون شيڊول لاڳو ڪيو ويندو، لاهور ۾ ڪراچي کان وڌيڪ ڏنڊ آهن ۽ ڪجهه مهينن ۾ پنجاب ۾ ڏنڊ جي شرح وڌيڪ وڌي ويندي، ان ڪري ڪراچي وارن لاءِ هي نئون نظام سٺو ثابت ٿيندو. اهو نظام ماڻهن ۽ ٽريفڪ لاءِ تمام گهڻو ڪارآمد ثابت ٿيندو.
هن وڌيڪ چيو ته اهو نئون قانون ٽريفڪ جي نظام کي بهتر ڪرڻ ۽ ماڻهن کي سهولت ڏيڻ لاءِ ٺاهيو ويو آهي، جنهن ۾ پهرين غلطي تي رعايت ۽ وقت تي پيسا ڀرڻ تي ڇوٽ ڏني ويندي.
تازيون خبرون
پهرين چالان تي رعايت ٿيندي، پر ٻيو چالان ٿيڻ تي سخت سزا، نوان ٽريفڪ قانون.
ڇا توهان هي خبر شيئر ڪرڻ چاهيو ٿا؟