Daily Kalyan Sindhi News

بي بي آصفه ڀٽو زرداري جي سينئر پي پي پي اڳواڻ لعل بخش ڀٽو جي انتقال تي سندس صاحبزادے سان تعزيت

ڪراچي: اسلامي جمھوريه پاڪستان جي خاتون اول بي بي آصفه ڀٽو زرداري سينئر پي پي پي اڳواڻ لعل بخش ڀٽو جي انتقال تي سندس صاحبزادے سينيٽر نديم ڀٽو سان تعزيت ڪئي.

رڪن قومي اسيمبلي بي بي آصفه ڀٽو زرداري پاڪستان پيپلزپارٽي جي ريسرچ اينڊ ڪوآرڊينيشن سيل جي انچارج لعل بخش ڀٽو جي بلندي درجات لاءِ فاتحه خواني ڪئي ۽ لعل بخش ڀٽو جي سياسي، عوامي ۽ علمي خدمتن کي خراج عقيدت پيش ڪيو..

خاتون اول بي بي آصفه ڀٽو زرداري سان گڏ پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽيرينز جي مرڪزي سيڪريٽري اطلاعات شازيه مري به وارثن سان تعزيت ڪئي.

ڇا توهان هي خبر شيئر ڪرڻ چاهيو ٿا؟
Scroll to Top