Daily Kalyan Sindhi News

وڊيو: لودھراں ۾ 7 سالن جو ٻار کليل مين ھول ۾ ڪري فوت، ڊپٽي ڪمشنر کي عهدي تان هٽائڻ جو حڪم

لودھراں جي علائقي دنوٽ ۾ هڪ 7 سالن جو ٻار کليل مين ھول ۾ ڪري فوت ٿي ويو.

ريسڪيو عملدارن موجب ٻار ريحان والد سان گڏ ناشتو وٺڻ لاءِ آيو هو ۽ پيءُ جي پٺيان هلندي، مين ھول ۾ ڪري پيو.

ريسڪيو اهلڪارن ٻن ڪلاڪن جي جدوجهد کان پوءِ ريحان جو لاش ٻاهر ڪڍيو.

 

پوليس پاران روڊ جي تعمير ڪندڙ ٺيڪيدار ۽ سب انجنيئر جي خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

ٻئي پاسي وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز فوت ٿيل ٻار جي گهروارن سان ڏک جو اظهار ڪيو ۽ ڊپٽي ڪمشنر کي سندس عهدي تان هٽائڻ جو حڪم صادر ڪيو.

مريم نواز جو چوڻ هو ته ڪنهن به بي گناهه جي زندگي کي ڪنهن سرڪاري ملازم جي لاپرواهي سبب ضايع ٿيڻ نه ڏنو ويندو.

ڇا توهان هي خبر شيئر ڪرڻ چاهيو ٿا؟
Scroll to Top