Daily Kalyan Sindhi News

اسلام آباد: اسڪوٽي حادثي ۾ فوت ٿيل 2 نياڻين جي وارثن جوابدار کي معاف ڪري ڇڏيو

اسلام آباد: اسڪوٽي حادثي ۾ فوت ٿيل 2 نياڻين جي وارثن جوابدار کي معاف ڪري ڇڏيو.

اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ ۾ جوڊيشل مجسٽريٽ شائسته ڪنڊي جي عدالت ۾ گرفتار جوابدار ابوذر کي 4 ڏينهن جي جسماني رمانڊ پوري ٿيڻ تي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.

عدالت جي سامهون متاثر خاندانن جوابدار کي معاف ڪري ڇڏيو. هڪ نياڻي جو ڀاءُ عدالت ۾ بيان ڏيڻ آيو هو ۽ والده جو آن لائن بيان رڪارڊ ڪيو ويو. ٻي فوت ٿيل نياڻي جي والد جو بيان عدالت ۾ رڪارڊ ڪيو ويو.

ٻنهي خاندانن ۾ صلح ٿيڻ کانپوءِ جوابدار جي خلاف ڪيس ختم ڪيو ويو.

متاثر خاندانن جي بيان کانپوءِ جوابدار جي ضمانت منظور ٿي وئي ۽ عدالت جوابدار کي ضمانت تي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

ڇا توهان هي خبر شيئر ڪرڻ چاهيو ٿا؟
Scroll to Top