Daily Kalyan Sindhi News

جيڪب آباد: عام انسان تحريڪ جو ضلعي اجلاس، عام انسان اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي نئين باڊي جو اعلان

جيڪب آباد ۾ عام انسان تحريڪ جو ضلعي اجلاس ضلعي صدر الطاف ميراڻي جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ مرڪزي اڳواڻ سيد علي شاھ ۽ عابد علي سنڌي پڻ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ تنظيمي معاملن ۽ تحريڪ جي مستقبل جي لائح عمل تي تفصيلي مشاورت ڪئي وئي.

گڏجاڻي دوران عام انسان اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي نئين باڊي جو اعلان ڪيو ويو جنهن ۾ ايان علي بلوچ کي صدر، احسان علي ڀٽو کي نائب صدر، امتياز لاشاري کي جنرل سيڪريٽري منتخب ڪيو ويو

مرڪزي اڳواڻن نوجوان عهديدارن کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته نوجوان ڪنهن به تحريڪ جي ريڙھ جي هڏي هوندا آهن. اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن تحريڪ کي مضبوط ڪرڻ لاءِ مڪمل عزم جو اظهار ڪيو.

ڇا توهان هي خبر شيئر ڪرڻ چاهيو ٿا؟
Scroll to Top