دادو: سيشن جج دادو جي عدالت ۾ راشد ڪمانگر کي بيگناھ منشيات جي ڪيس ۾ گرفتار ڪرڻ واري درخواست تي ٻڌڻي ٿي.
گرفتار ٿيل راشد جي ڀاءَ آصف ڪمانگر عدالت آيو ۽ شڪايت ڪئي ته ميهڙ اي سيڪشن ٿاڻي جي ايس ايڇ او طارق لاکير، 15 انچارج ۽ ٻين اهلڪارن سندس ڀاءَ سان گهر ۾ گهڙي ڦر لٽ ڪئي ۽ گرفتار ڪيو، آزاد ڪرڻ لاء 70 هزار روپيا رشوت به ورتي ۽ ڪيس منشيات جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو.
سيشن جج پاران ايس ايڇ او تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي پچهيو ويو ته ساک کڻندي تو راشد کي گهران گرفتار ناهي ڪيو.
عدالت جي حڪم تي ايس ايڇ او ۽ 15 انچارج امداد سهول مسجد ۾ قرآن شريف کڻي ساک ڏني ۽ چيو ته راشد کي گهران نه پر ٻاهران گرفتار ڪيو ويو آهي.
آصف ڪمانگر عدالت کي ٻڌايو ته راشد کي گهران گرفتار ڪري آزاد ڪرڻ لاءِ 70 هزار روپيا رشوت ورتي وئي ۽ کيس خلاف منشيات جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو ويو جنهن تي عدالت هن معاملي جي جاچ جاري رکڻ جو حڪم ڏنو.