Daily Kalyan Sindhi News

ڪراچي: سول اسپتال ۾ نون ڄاول ٻارن ۾ پيليا جي تڪڙي سڃاڻپ لاءِ جديد اوزار متعارف

ڪراچي جي سول اسپتال ۾ نون ڄاول ٻارن ۾ پيليا جي تڪڙي سڃاڻپ لاءِ جديد اوزار ٽرانس ڪيوٽينيئس بلي روبينوميٽر (Transcutaneous Bilirubinometer) متعارف ڪيو ويو آهي.

ماهرِ اَمراضِ اطفال پروفيسر اقبال ميمڻ موجب ٽرانس ڪيوٽينيئس بلي روبينوميٽر جي مدد سان ڪجھ سيڪنڊن ۾ پيليا جي شرح معلوم ٿي سگھندي ۽ ان سان گڏ ٻارن جو رت کانسواءِ پيليا جو ٽيسٽ ٿي سگھندو.

ماهر اَمراضِ اطفال جو ٻڌائڻ آهي ته پھريون ٽيسٽ جو رزلٽ ڪيترن ئي ڪلاڪن کانپوءِ ايندو هو، ھاڻي فوري رزلٽ دستياب ٿيندو جنھن سان پيليا ۾ مبتلا ٻارن جو فوٽوٿراپي سان علاج ڪيو ويندو آهي.

پروفيسر اقبال ميمڻ چيو ته پيليا جي شرح وڌيڪ ھجڻ تي پيچيدگيون پڻ پيدا ٿي سگھن ٿيون، جديد مشين سان والدين جو وقت ۽ پئسا ٻئي بچي سگھندا.

ڇا توهان هي خبر شيئر ڪرڻ چاهيو ٿا؟
Scroll to Top