آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ دعويٰ ڪئي آهي ته ڪراچي ۾ ڀتا خوري جا ڪيس نه هجڻ جي برابر آهن۔
ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي آءِ جي سنڌ چيو ته ڪراچي ۾ ڀتا خوري جا تمام گهڻا ڪيس رپورٽ ٿيندا هئا، ڀتا خوري سان منهن ڏيڻ لاءِ ٺاهيل يونٽ سي آءِ اي جي ڪاروائين سان ڪيس نه هجڻ جي برابر رهجي ويا آهن۔
هن چيو ته پوليس ڀتا خوري جي واقعن ۾ ترجيحي بنياد تي ڪاروائي ڪندي آهي، ڪيترائي ڀتا خور مقابلن ۾ مارجي ويا يا پڪڙيا ويا۔
آءِ جي سنڌ ٻڌايو ته هن سال رپورٽ ٿيل 140 جي لڳ ڀڳ ڀتا خوري جي واقعن مان اڌ کان وڌيڪ ڪيس ڀتي جا نه پر پاڻ ۾ ڏيتي ليتي جا هئا.
غلام نبي ميمڻ جو چوڻ هو ته منشيات فروش جي ضمانت ۾ پوليس جي ڪردار جو پڻ جائزو وٺي رهيا آهيون.