اڳوڻي ڪرڪيٽر معين خان جي وفات جي ڪوڙي خبرون، ايم ڪيو ايم جي ميمبر صوبائي اسيمبلي پاران مغفرت جي دعا جي اپيل
سوشل ميڊيا تي اڳوڻي ڪرڪيٽر معين خان جي وفات جي ڪوڙي خبرن تي ايم ڪيو ايم جي ميمبر صوبائي اسيمبلي پاران مغفرت جي دعا جي اپيل ڪئي وئي.
صوبائي اسيمبلي جي اجلاس دوران، ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ صابر قائمخاني، معين خان جي وفات جي ڪوڙي خبر تي افسوس جو اظهار ڪندي مغفرت جي دعا جي درخواست ڪئي.
اجلاس ۾ حاضر ميمبرن فوري طور تي کيس مداخلت ڪندي ٻڌايو ته ڪرڪيٽر معين خان جي وفات جي خبر صحيح ناهي.
اسپيڪر پڻ صابر قائمخاني کي غلط خبر جي باري ۾ ڄاڻ ڏني، جنهن تي ميمبر صوبائي اسيمبلي پنهنجي غلطي تسليم ڪندي معافي طلب ڪئي.