آمريڪي فضائيه جو جنگي جهاز فائٽنگ فالڪن تربيت دوران ڪري تباهه ٿي ويو. حادثي جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي.
آمريڪي فضائيه جو جنگي جهاز ڪيليفورنيا ۾ دورانِ تربيت ڪري تباهه ٿي ويو۔ تباهه ٿيڻ وارو ايف 16 سي فائٽنگ فالڪن جهاز فضائيه جي مشهور ٿنڈر برڊز فضائي ڊيمو ٽيم سان تعلق رکندڙ آهي.
حادثو 10 بجي 45 منٽن تي پيش آيو، جڏهن ته جهاز جو پائلٽ بحفاظت ٻاهر نڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. جڏهن ته زخمي ٿيڻ سبب پائلٽ کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.
حادثي جي وائرل وڊيو ۾ جهاز کي زمين دوز ٿيندي ڏسي سگهجي ٿو. حادثي واري هنڌ تان دونھون اٿي رهيو آهي ۽ خشڪ ڍنڍ جي ڪناري تي جهاز جو ملبو پکڙيل آهي.
آمريڪي فضائيه واقعي جي اطلاع ملندي ئي حادثي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي.
فائر ڊپارٽمينٽ جي ترجمان جو چوڻ آهي ته حادثي بابت ڪال صبح جو ملي جنهن کانپوءِ باهه وسائڻ جي ڪارروائي شروع ڪئي وئي.
مقامي اختيارين جو چوڻ آهي ته باهه کي وڌيڪ ڦهلجڻ کان اڳ ئي ان تي ضابطو آندو ويو جنهن سان آس پاس جي شهرين ۽ علائقي کي ڪو نقصان نه پهتو آهي.