Daily Kalyan Sindhi News

مشق دوران ڀارتي فوج جو ٽينڪ ٻڏڻ سبب هڪ فوجي ھلاک

ڀارتي رياست راجستھان جي ضلعي شري گنگا نگر ۾ اندرا گانڌي ڪينال ۾ ڀارتي فوج جو ٽينڪ ٻڏڻ سبب هڪ سپاهي ھلاک ٿي ويو۔

پوليس موجب واقعو اڱاري جي صبح معمول جي فوجي مشق دوران پيش آيو، ٽينڪ ۾ ٻه فوجي موجود هئا جن مان هڪ ڪنهن طرح ٻاهر نڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، جڏهن ته ٻيو اندر ئي ڦاسي پئجي فوت ٿي ويو۔

پوليس موجب ھلاک فوجي جي لاش کي ڪيترن ئي ڪلاڪن جي ڪارروائيءَ کان بعد ٻاهر ڪڍيو ويو۔

پوليس ٻڌايو ته مشق دوران بکتر بند گاڏيون ۽ ٽينڪ نهر عبور ڪرڻ جي مشق ڪري رهيا هئا ته هڪ ٽينڪ وچ ۾ ڦاسي ٻڏڻ لڳو۔

اطلاع ملندي ئي پوليس، اسٽيٽ ڊزاسٽر ريسپانس فورس ۽ سول ڊفينس جون ٽيمون موقعي تي پهتيون ۽ ڪيترن ئي ڪلاڪن جي ڪوشش کان بعد لاش کي ڪڍڻ ۾ ڪامياب ٿي ويون۔

ڇا توهان هي خبر شيئر ڪرڻ چاهيو ٿا؟
Scroll to Top