Daily Kalyan Sindhi News

ٻار جو گٽر ۾ ڪري فوت ٿيڻ وارو معاملو، سنڌ جي وڏي وزير جو لاڳاپيل آفيسرن کي معطل ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي: وڏي وزير سنڌ سيد مراد علي شاھ گٽر ۾ ٻار جي ڪري پَوَڻ واري معاملي تي لاڳاپيل آفيسرن کي معطل ڪرڻ جون هدايتون ڏئي ڇڏيون آهن.

وڏي وزير سنڌ مراد علي شاھ جي صدارت هيٺ گٽر ۾ ڪري ٻار جي فوت ٿيڻ واري افسوسناڪ واقعي تي هڪ اهم اجلاس منعقد ڪيو ويو. اجلاس ۾ صوبائي وزيرن، ڪي ايم سي جي اختيارين، ٽائون انتظاميه، روينيو ڊپارٽمينٽ ۽ پوليس اختيارين شرڪت ڪئي.

مراد علي شاھ اجلاس ۾ لاڳاپيل ادارن جي ڪارڪردگي تي سخت ناراضگي جو اظهار ڪندي واضح هدايت ڪئي ته سمورن ذميوار آفيسرن کي فوري طور تي معطل ڪيو وڃي.

هن چيو ته لاپرواهي پنهنجي جاءِ تي، پر هڪ ٻئي تي ذميواري وجهڻ انتهائي افسوس جوڳو عمل آهي. اجلاس دوران پوليس اختيارين کي پڻ طلب ڪيو ويو.

وڏي وزير چيف سيڪريٽري سنڌ کي هدايتون جاري ڪندي چيو ته اڄ ئي ذميوار آفيسرن جي خلاف ڪاروائي عمل ۾ آندي وڃي.

اختيارين جي مطابق بلديہ عظميٰ ڪراچي، ٽائون انتظاميه ۽ واٽر ڪارپوريشن جي لاڳاپيل آفيسرن جي خلاف پڻ ڪاروائي شروع ڪئي وئي آهي.

ڇا توهان هي خبر شيئر ڪرڻ چاهيو ٿا؟
Scroll to Top