Daily Kalyan Sindhi News

ڪراچي ۾ ننڍڙي ٻار کي ٻاهرئين ملڪ اسمگل ڪرڻ جو ڪيس سامهون اچي ويو

وفاقي اينٽي ڪرپشن ڪورٽ ۾ ننڍڙي ٻار کي ٻاهرئين ملڪ اسمگل ڪرڻ جو ڪيس سامهون اچي ويو.

ڪيس ۾ گرفتار ملزمه ڪرن سهيل ۽ ليڊي ڊاڪٽر ڪورٽ ۾ پيش ٿيا، ملزمه ڪرن سهيل کان هٿ ڪيل ٻار کي به ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويو.

ڪيس ۾ نامزد چئن جوابدار ضمانت تي آزاد آهن، ايف آءِ اي موجب 9 جون تي خاتون ڪرن 15 مهينن جي زيان سان گڏ جناح ايئرپورٽ تان موزمبيق وڃي رهي هئي ته ڳجهن ذريعن کان معلوم ٿيو ته ڪرن جنهن ٻار کي کڻي وڃي رهي آهي اهو ان جو اصل پٽ ناهي.

ايف آءِ اي موجب ڪرن سهيل پڇا ڳاڇا دوران اعتراف ڪيو ته ٻار ان جو ناهي، ٻار کي ان ئي ڏينهن ياسمين نالي عورت ايئرپورٽ تي ان حوالي ڪيو هو، ڪرن سهيل اھو ٻار اسمگل لاءِ استعمال ڪري رهي هئي.

ايف آءِ اي موجب ڪرن ٻڌايو ته سهيل، فيصل محمود، چاندني ۽ اشرف ٻار جي اسمگل ۾ سهولتڪاري ڪئي، دستاويزن مان معلوم ٿيو ته ٻار کي اسمگل ڪري موزمبيق ۾ ڳري رقم عيوض ڪنهن فيملي حوالي ڪيو وڃڻو هو.

ڪرن جي مڙس سهيل موزمبيق ۾ ٻار پنهنجي باس کي ڏيڻو هو جنهن جو پٽ نه هو، ان مقصد لاءِ ٻار ڊاڪٽر کان 10 کان 12 لک روپين ۾ ورتو ويو هو.

ملزمه جي وڪيل چيو ته ملزمه ڪرن سهيل تي لڳايل الزام غلط آهن، اڃا تائين ٻار جا ڪي به وارث سامهون ناهن آيا، ملزمه وٽ تمام قانوني دستاويز موجود آهن.

ڇا توهان هي خبر شيئر ڪرڻ چاهيو ٿا؟
Scroll to Top