آسٽريليا جي شهر سڊني ۾ اڏام جي دوران 2 ننڍا جهاز هڪ ٻئي سان ٽڪرائجي ويا.
آسٽريليا جي سرڪاري عملدارن موجب آسٽريليا جي شهر سڊني ۾ ٻئي جهاز اڏام جي دوران هڪ ٻئي سان ٽڪرايا، ٽڪرائجڻ سان هڪ ننڍو جهاز زمين تي ڪري تباهه ٿي ويو ۽ ان ۾ موجود پائلٽ فوت ٿي ويو، پائلٽ جي مڙهه کي ريسڪيو عملي جهاز مان ڳولي لڌو. جڏهن ته ٻيو جهاز هوائي اڏي تي صحيح سلامت لهي ويو ۽ پائلٽ محفوظ رهيو.
سرڪاري عملدارن موجب اهو حادثو نيپيئر فيلڊ ايئر فيلڊ جي ويجهو ٿيو ۽ مقامي ماڻهن کي حادثي واري هنڌ تي وڃڻ کان منع ڪئي وئي آهي جڏهن ته هن مهل تائين اهو صاف ناهي ته آخر اهي ٻئي جهاز ڪيئن هڪ ٻئي سان ٽڪرائجي ويا.
آسٽريلين ٽرانسپورٽ سيفٽي بيورو جي طرفان واقعي جي پڙتال ڪئي ويندي.
جڏهن ته اهو ٻڌايو ويو آهي ته اهي ٻئي جهاز ٻين وڌيڪ 2 جهازن سان هوائي ڪرتب تي مشتمل اڏام ڪري رهيا هئا ۽ واپس اچي رهيا هئا ته اهو حادثو ٿيو.
ٻنهي جهازن جا پائلٽس فريڊم فارميشن ڊسپلي ٽيم جو حصو آهن.