ٽن ملڪن جي ٽي ٽوئنٽي سيريز جي فائنل ۾ پاڪستان ٽاس کٽي سري لنڪا خلاف فيلڊنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
راولپنڊي ۾ ٿيندڙ فائنل ميچ لاءِ پاڪستاني ٽيم ۾ هڪ تبديلي ڪئي وئي آهي، تيز بالر شاهين آفريدي پليئنگ اليون ۾ واپس آيو آهي، وسيم جونيئر کي ڊراپ ڪيو ويو آهي.
سري لنڪن ٽيم ۾ فائنل لاءِ ڪا به تبديلي نه ڪئي وئي آهي.